صحيح ابو عَوَانه

صحيح ابو عَوَانه: حديثن جو هي مستند ڪتاب اصل ۾ صحيح مسلم تي مستخرج آهي. محدثن جي اصطلاح ۾ مستخرج ان کي چيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن ٻئي ڪتاب جي حديثن مان ثابت ڪيو وڃي ۽ ترتيب ۽ اسناد جو طريقو انهي ڪتاب وانگر هجي ۽ حديث لاءِ پنهنجي سند کي انهيءَ ڪتاب جي طريقي تي بيان ڪرڻ ته جيئن ڪتاب جو مصنف وچ ۾ نه رهي جنهن جي ڪتاب مان هي ڪتاب مستخرج آهي. ابو عوانه جو نالو يعقوب بن اسحاق بن ابراهيم بن يزيد آهي، هو نيشاپور جو رهاڪو هو. هن خراسان، عراق، يمن حجاز، شام، جزيره، فارس، اصفهان، مصر ۽ ثغور ۾ سفر ڪري وڃي عالمن کان حديثون جمع ڪيون. شافعي المذهب هو. فقھ ۾ مزني ۽ ربيع جو شاگرد هو، جيڪي امام شافعي جي وڏن ۽ بهترين شاگردن مان هئا. هي حديث جي علم ۾ مسلم بن الحجاج، يونس بن عبدالاعليٰ ۽ محمد بن يحيٰ ذهليءَ جو شاگرد هو. طبراني، ابو بڪر اسماعيلي، ابو علي نيشاپوري ۽ ٻيا نامور محدث هن جا شاگرد هئا. هن جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته ‘ابو عوانه’ علم حديث جي عالمن مان سرفهرست وارو عمل هو.’ابو عوانه’ 316هه/ 928ع ۾ رحلت ڪئي. ابو عوانه جي هن ڪتاب کي گهڻو معتبر سمجهيو وڃي ٿو، هن کي صحيح ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو صحيح مسلم جي سنَدن کان سواءِ هر حديث بابت هن پنهنجون به سندون ڏنيون آهن ۽ متن ۾ به اضافو ڪيو اٿس، علامه ذهبي به هن صحيح مان انتخاب ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو، ‘منتقي الذهبي’ جي نالي سان مشهور آهي. ابو عوانه جي صحيح ڪل ٻه سؤ ٽيهه (230) حديثن تي مشتمل آهي. هن جا ڪيترائي قلمي نسخا دنيا جي مختلف وڏين لائبريرين ۾ موجود آهن.: حديثن جو هي مستند ڪتاب اصل ۾ صحيح مسلم تي مستخرج آهي. محدثن جي اصطلاح ۾ مستخرج ان کي چيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن ٻئي ڪتاب جي حديثن مان ثابت ڪيو وڃي ۽ ترتيب ۽ اسناد جو طريقو انهي ڪتاب وانگر هجي ۽ حديث لاءِ پنهنجي سند کي انهيءَ ڪتاب جي طريقي تي بيان ڪرڻ ته جيئن ڪتاب جو مصنف وچ ۾ نه رهي جنهن جي ڪتاب مان هي ڪتاب مستخرج آهي. ابو عوانه جو نالو يعقوب بن اسحاق بن ابراهيم بن يزيد آهي، هو نيشاپور جو رهاڪو هو. هن خراسان، عراق، يمن حجاز، شام، جزيره، فارس، اصفهان، مصر ۽ ثغور ۾ سفر ڪري وڃي عالمن کان حديثون جمع ڪيون. شافعي المذهب هو. فقھ ۾ مزني ۽ ربيع جو شاگرد هو، جيڪي امام شافعي جي وڏن ۽ بهترين شاگردن مان هئا. هي حديث جي علم ۾ مسلم بن الحجاج، يونس بن عبدالاعليٰ ۽ محمد بن يحيٰ ذهليءَ جو شاگرد هو. طبراني، ابو بڪر اسماعيلي، ابو علي نيشاپوري ۽ ٻيا نامور محدث هن جا شاگرد هئا. هن جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته ‘ابو عوانه’ علم حديث جي عالمن مان سرفهرست وارو عمل هو.’ابو عوانه’ 316هه/ 928ع ۾ رحلت ڪئي. ابو عوانه جي هن ڪتاب کي گهڻو معتبر سمجهيو وڃي ٿو، هن کي صحيح ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو صحيح مسلم جي سنَدن کان سواءِ هر حديث بابت هن پنهنجون به سندون ڏنيون آهن ۽ متن ۾ به اضافو ڪيو اٿس، علامه ذهبي به هن صحيح مان انتخاب ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو، ‘منتقي الذهبي’ جي نالي سان مشهور آهي. ابو عوانه جي صحيح ڪل ٻه سؤ ٽيهه (230) حديثن تي مشتمل آهي. هن جا ڪيترائي قلمي نسخا دنيا جي مختلف وڏين لائبريرين ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو